 |
|
|
Posts: 648
Country:
Join Date: Nov 2014
Gender:
|
|
سنڌ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ص جن جي حديث ت مونکي سنڌ مان جنت جي ٿڌڙي هير لڳندي محوس ٿئي ٿي ۽ مولا علي جو قول آهي ت مونکي سنڌ مان علم جي خوشبوء اچي ٿي،، امام حسين ص ع ڪربلا ۾ شھادت کان پھرين آخري خواهش سنڌ اچڻ جي ٻڌائي هئي، پاڻ ڪريم جن جي گهر ۾ هڪ ٻانھي سنڌي هئي جنھن بيبي عائشه جو علاج ڪيو، حضور ڪتيم جن جي محفل ۾ چار اصحابي سنڌي هيا، حسنين ڪريمين جن جي ازدواج جي امڙ سنڌي عورت هئي، سنڌ ۾ ڪ سٺو تعداد اصحابن جي تربتن جو اڄ ب موجود آهي جن دين جي تبليغ ڪئي ۽ غير مسلم هوندي ب سنڌ ۽ سنڌين جو مجموعي ڪردار ۽ فڪر عين اسلامي فڪر سان هم آهنگ هيو نت وقت جا پيغمبر اهڙي ڪنھن ملڪ ۽ وقم جي تعريف ڪون ڪن ها جن جو فڪر ۽ ڪردار سندن دين جي خلاف هج ها، ، ساڳئي طرح جڪڏهن سنڌين جو علم ۽ فڪر اسلام جي ضد ۾ هجي ها ت وقت جام ان کي خوشبوء سان ڀيٽ ڪون ڏين ها۽ امام حسين ص ع سنڌ اچڻ جو ارادو ڪون ڏيکارين ها، ٻنھين شھزادن جي ازدواج جي امڙ سنڌي هئڻ باوجود ڪنھن ب سنڌي يا سنڌ جي حاڪم انھن کي ڪا تڪليف ن ڏني، حضور ڪريم جن جي محفل ۾ موجود چار سنڌي اصحابن ۽ بيبي عائشه جو علاج ڪندڙ دائي جي خاندان سان ب سنڌ مان ڪون اچايو،، سنڌ ۾اسلام جي تبليغ ڪندڙ اصحاب جن جون تربتون اڄ ب سنڌ ۾ آهن انھن کي ب دين جي تبليغ کان ڪنھن ڪون روڪيو ن ڪو ڇيھو رسايو اڃان سنڌ ۽ سنڌي ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيا پنھنجي امن محبت ۽ سيڪيولر ثابت ڪرڻ لاء. پوء ب رڍ ۽ مينھن، شينھن ۽ لومڙي واي ڪھاڻي جي ڪوڙي بھاني تي سنڌ ۽ سنڌين کي غلام بڻايو ويو، هزارين بي ڏوهي ماڻھون ماريا ويا، سنڌي عورتن کي قيد ڪري عربن وٽ وڪيو ويو. اربين روپين جي مليت ۽ سوين ٽن سون لٽيو ويو رڳو مسلمان هئڻ جي معتبري جي آڙ ۾ جيڪو اڄ تائين هلندو اچي پر اسان سنڌي وي ب مڎهب جي نشي ۽ ڏيکاء واري کوکلي عقيدت ڪارڻ غلامي کي قبوليو ويٺا آهيون
Last edited by nazeer1; 01-24-2016 at 10:09 AM..
|