![]() |
سنڌي ٻوليءَ جا وارثو
سنڌي ٻوليءَ جا وارثو!
محترم عبد الماجد ڀرڳڙي اسانجي ٻوليءَ کي جيئدان ڏئي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻايو، جنهنڪري اڄ اسين ڪمپيوٽر، موبائل فونن ۽ ڇاپي ڪمن ۾ سنڌيءَ جو استعمال عام ۽ سھڻي انداز ۾ ڪندي فخر محسوس ڪريون ٿا. ڇا هي مرد مجاهد جنهن پنهنجون سڀئي صلاحيتون سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪتب آنديون سرڪاري ۽ عوامي مڃتا جو حقدار ناهي؟ دنيا ۾ آباد سنڌيو! ميڊيائي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ، MB Sindhi وسيلي پنھنجو روزگار ۽ ڪاروبار (اخبارون، رسالا، ٽي وي چئنل ۽ ٻيا اشاعتي ڪم) هلائيندڙؤ! منهنجي هن مطالبي واري سڏ ۾ سڏ ملايو ۽ هن پوسٽ کي پنهنجي فيسبڪ وال، توڙي ميڊيائي ميدان تان مطالبي طور شيئر ڪري پنهنجو قومي فرض نڀايو. شبير ڪنڀار ڊجيٽل سنڌيءَ جو ادنىٰ ڪارڪن |
All times are GMT +5. The time now is 10:06 PM. |
Powered by vBulletin®
Copyright ©2000 - 2025, Jelsoft Enterprises Ltd.