PDA

View Full Version : sindhi gazal


nazeer1
11-01-2015, 11:14 AM
غزل
عجب زندگي ڪي چٽيا راز آهن،
وڄي ڄڻ پيا ڪي ٻٽا ساز آهن.

ڪا جهرڪي ويچاري لڪي ٿي ڇپي ٿي.
مٿان تنهن جو اُڏندي ڏٺا باز آهن،

پنهنجي تون نياڻي دڪارين ڇو ويٺو؟
مٿي تو، تہ هُنجا وڏا ناز آهن.

هيو وقت تنهنجو وڄايو تو وارو،
پڙاڏو ٿيا نيٺ آواز آهن،

ڀري مون ڏنڊ جو تو وڌو پر،
اسانجا بہ توتي ڪي اعتراز آهن.

اسان جن تي تڪيو ڪيو آ ھميشا،
اسان جا بہ اهڙا ڪي هم راز آهن.

اوهان جا ڪئي ڳالھُ راجا غزل ۾،
گهڻائي ٿيا سخت ناراض آهن.

Copyright ©2008
Powered by vBulletin Copyright ©2000 - 2009, Jelsoft Enterprises Ltd.